Tuesday, December 15, 2009

Jo ee Ahyan So ee Ahyan

http://www.sachalsarmast.org/images/pic1.jpg

ڪو ڪيئن چوي ڪو ڪيئن چوي آءٌ جوئي آهيان سو ئي آهيان


ڪو مومن چوي ڪو ڪافر چوي، ڪو جاهل نالو ظاهر چوي
ڪو ساحر چوي ڪو شاعر چوي، آءٌ جوئي آهيان سو ئي آهيان

ڪو پنٿُ چوي ڪو سنت چوي، ڪو باغ بهار بسنت چوي
ڪو ميراثي ڪَلونَتُ چوي، آءٌ جوئي آهيان سو ئي آهيان

ڪو مُلان چوي ڪو قاضي چوي، ڪو مفتي چوي ڪو غازي چوي
ڪو روزيدار نمازي چوي، آءٌ جوئي آهيان سو ئي آهيان

ڪو رَدِ چوي ڪو بَدِ چوي، ڪو بيديني بيحد چوي
ڪو مُشرڪ ڀي مُلحِدُ چوي، آءٌ جوئي آهيان سو ئي آهيان

ڪو صورت ۾ انسان چوي، ڪو شِرُ ڀريو شيطان چوي
ڪو بزرگ ڪومستان چوي، آءٌ جوئي آهيان سو ئي آهيان

ڪو سُستُ ڪو چست چوي، ڪو راه تي دين درست چوي
ڪو عاشق روزِالست چوي، آءٌ جوئي آهيان سو ئي آهيان

ڪو زير زبر زنديق چوي، ڪو رهنماءُ رفيق چوي
ڪو غرقيءَ منجهه عميق چوي، آءٌ جوئي آهيان سو ئي آهيان

ڪو رنگ ڪوئي بيرنگ چوي، ڪو مستو مست ملنگ چوي
ڪو ننگي ڪو بي ننگ چوي، آءٌ جوئي آهيان سو ئي آهيان

ڪو حالي چوي ڪو قالي چوي، ڪو خاص الخاص خيالي چوي
ڪو ازلي مست موالي چوي، آءٌ جوئي آهيان سو ئي آهيان

ڪو شڪ چوي ناحق چوي، ڪو بات اها برحق چوي
مون کي مرشد عبدالحق چوي، آءٌ جوئي آهيان سو ئي آهيان

ڪو خاص چوي ڪو عام چوي، ڪو پختو چوي ڪو خام چوي
ڪو ”سچو“ سچو نام چوي، آءٌ جوئي آهيان سو ئي آهيان
.
سچل سرمست

No comments:

Post a Comment

Related Posts Plugin for WordPress, Blogger...