Tuesday, December 15, 2009

Abro Aggahan Main

اَبڙو اَڳاهَنِ ۾، ڀَرَ جَهلو ڀاري،
سمي سُوالِيُنِ کي، ويلهَ وِساري،
مَنَهن مُني جَکرو، طاماعُنِ تاري،
پُڇي سي پاريِ، جي عاجِزَ اَجورَنِ ۾.

ابڙو سڀني سردارن ۾ وڏي ۾ وڏو آڌار آهي. هن سمي سردارسوالين جي ڪري، فرصت ئي وساري ڇڏي. (هڪ ساعت به سخاوت کان واندو نه هو). جکرو سردار آسائتن جو تڪيو هو. هو اُنهن پناهه ۾ آيلن جي سار ٿو لهي، جي نٻل ۽ بيوس انسانن مان آهن.

اَبڙو اَڳاهَنِ ۾ ، سَڀَرُ جِئن ٻيلي ،
سي پٽ ڪنهن نه پُوريا ، جي ٿو ڀَڙَ ڀيلي ،
سڃڻُ سانوڻَ ميِنهنءَ جِئن ، رُڄون ٿو ريلي ،
اَچَنِ جي ويلي ، تِنِ بور بخشي ڀٽَ ڌَڻي.

ابڙو سڀني سردارن ۾ ائين آهي، جيئن ٻيلي ۾ ڪو شاهي درخت . جي پنڌ، هي جهنگ ٿو لتاڙي، سي ٻئي ڪنهن نه ڪيا. هي دلبر سانوڻ جي مينهن وانگر، برپٽن ۾ پاڻيءَ جي پالوٽ ڪيو ڇڏي. جي وٽس هڪ ويکي لاءِ (يا ڏکئي وقت ۾) اچن، تن کي هو عربي گهوڙا عطا ڪيو ڇڏي.

اَبڙو وَڏَوَڙو سُوَڙو ، سَمو ، سُونهن سَڀنِ ،
تنهِن دَرِ سَڀ اَچَنِ ، ڪَنڌُ نه ڪَڍي ڪڇ ڌَڻي .

ابڙو وڏا وڙ ڪندڙ ۽ لائقن ڀريو سردار هو ۽ سڀني سمن جي سونهن هو. سڀئي سوالي سندس ئي در تي ٿا اچن ۽ هي ڪڇ جو راءِ ڪنهن کان منهن نه ٿو موڙي .

(شاه ڀٽائي _ سُر بلاول)
شارح_ ڪلياڻ آڏواڻ

No comments:

Post a Comment

Related Posts Plugin for WordPress, Blogger...